ڊاڪٽر ٽلومل ڌيرواڻي

ڊاڪٽر ٽلومل ڌيرواڻي

ٽلو مل ڌيرواڻي ڊاڪٽر

ٽلو مل ڌيرواڻي، ڊاڪٽر: سنڌ جو مثالي خادم، بهترين ڊاڪٽر، ’وطن جو خدمتگار‘ ۽ عوامي هلچل جو باني، ڊاڪٽر ٽلومل ڌيرواڻي -تاريخ- 1 مارچ 1899ع تي سن شهر (اڳوڻي ضلعي دادوءَ) ۾ ٽيڪچند ڌيرواڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد هڪ غريب واپاري هو. -ٽلو- مل ننڍپڻ کان ئي ذهين هو. سندس ذهانت جي ڪري -استاد- کيس ”شاگرد- اُستاد“ (Pupil Teacher) سڏيندا هئا. هو پڙهڻ سان گڏ ٻين شاگردن ي به پڙهائيندو هو. -ان- ڪري کيس مختصر پگهار به ملندو هو. -ان- ڪري ننڍپڻ ۾ ئي -تعليم- جو بوجهه مائٽن تي نه وڌائين. هن جوانيءَ واري دور ۾ سنڌ ورڪين واپارين سان گڏ جاوا، سماترا ۽ سينگار وڃي واپار ڪيو ۾ ڪافي پئسو ڪمايو. هن ڊاڪٽري ڪرڻ سان گڏ صابڻ جو ڪارخانو هلايو. ٺيڪيداري ۽ انشورنس مان به ڪافي ڪمايو. ڊاڪٽر صاحب کي ننڍيءَ ڄمار کان ئي وطن جي آزاديءَ واري هر تحريڪ ۾ پرجوش حصو وٺندو رهيو. مهاڀاري جنگ ۽ حر تحريڪ دوران ريل گاڏيون ڏينهن جو هلايون وينديون هيون. ڊاڪٽرصاحب سدائين ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪندو هو. هڪ ڀيري گهڻي رش ۽ گرميءَ جو تاب نه جهلي، هڪ مسافر اُن گاڏيءَ ۾ بيهوش ٿي ويو، جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب چڙهيل هو. سندس دل هي انڌير سهي نه سگهي. ريلوي وارن کي سڌو ڪرڻ لاءِ هن گاڏيءَ جي زنجير کي ڇڪيو ته گاڏي بيهي رهي. ريلوي وارن کانئس سبب پڇيو ته ڊاڪٽرصاحب بيهوش ٿيل ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪري کين رش گهٽائڻ لاءِ چيو، پر ريلوي وارن ائين نه ڪيو. گاڏي هلڻ لڳي ته هن وري زنجير کي ڇڪيو. انهيءَ موقعي تي ساڻس ٻيا به ڪيترا ماڻهو شامل ٿي ويا. نيٺ ريلوي وارن مجبور ٿي ڪراچيءَ کان نڪرڻ وقت ٻه نوان گاڏا لڳائي رش کي گهٽايو. گاڏي جڏهن صدر -اسٽيشن- تي آئي، ته ڊاڪٽرصاحب اتي لهي پيو ۽ وري اچي سٽي -اسٽيشن- -تان- نئين سر ٻيءَ گاڏيءَ ۾ چڙهيو، -ان- سان به ساڳي ڪار هئي. آخرڪار -ان- گاڏيءَ ۾ به وڌيڪ گاڏا لڳايا ويا، پر ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري ويهاري ڇڏيائون. انهيءَ مثال کان متاثر ٿي، ڪيترا نوجوان اهڙيون ڪارروايون ڪرڻ لڳا. ڊاڪٽر صاحب جيل مان آزاد ٿي اچي باقاعدي ”وطن خدمتگار“ جي نالي سان هڪ تنظيم جوڙي. انهيءَ جماعت جا رضاڪار گاڏين ۾ صلح سان سفر ڪرڻ تي ليڪچر ڏيندا هئا. مسافرن جي هر قسم جي تڪليف ۽ شڪايت جو تدارڪ ڪندا هئا؛ خود گاڏين ۾ صفائي به ڪندا هئا ۽ ماڻهن ۾ مفت دوائون به تقسيم ڪندا هئا. هن تحريڪ ايڏو ته زور ورتو، جو نيٺ ريلوي وارا به ساڻن تعاون ڪرڻ لڳا. رضاڪارن وٽ پيتيون هونديون هيون، جن ۾ ماڻهن ايتري ته رقم وڌي، جو انهن پئسن مان ڪراچيءَ ۾ پهرين ”وطن خدمتگار“ اسپتال قائم ٿي، جتي مفت ۾ علاج ڪيو ويندو هو. اتي پيتيون ٽنگيل هونديون هيون. ماڻهن انهن پيتين ۾ تمام گهڻا پئسا وڌا ۽ گاڏين ۾ دوائون ورهائيندڙ ۽ صفائي وغيره ڪندڙ جوان سڄيءَ سنڌ ۾ اڪيچار نڪري پيا. هن پوءِ اهڙيون پنج ٻيون اسپتالون به ٺهرايون، جيڪي ٺٽائي ڪمپائونڊ، -ابراهيم حيدري-، فريئر روڊ، لياري گانڌي نگر ۽ کاريدر ۾ هيون. پاڪستان ٺهڻ وقت ڊاڪٽر صاحب ڪراچيءَ جي لالوکيت علائقي ۾ هڪ وسيع ايراضي خريد ڪري ٽي. بي جي علاج لاءِ هڪ وڏي اسپتال ٺهرائي، جنهن جي پيڙهه جو پٿر سائين جي. ايم. سيد رکيو. ڌيرواڻي صاحب اسپتال ٺهرائي رهيو هو ته ڪن شرپسندن ڦري لٽي سندس اسپتال تي به قبضو ڪري ورتو. هن ڪراچي ۾ صاف ماحول ۽ رهائش لاءِ ڌيرواني نگر جو بنياد رکيو. هندستان مان آيل پناهگيرن سندس گهر ۽ اسپتال تي حمليو ڪيو، جنهن ۾ هن جا گهر ڀاتي به زخمي ٿيا، پر ڊاڪٽر صاحب ڌيرج ۾ رهيو. ڊاڪٽر صاحب کي 13 سيپٽمبر 1947ع تي پوليس چڙهائي ڪري مٿس شڪارپور ڪالونيءَ ۾ ڦاٽل -بم- ڪيس مڙهيو ويو، جنهن ۾ ٻيا به ڪيترا هندو ٻڌا ويا. ڏيڍ سال بعد ٻيا سڀ جوابدار قيدين جي مٽاسٽا ۾ ڀارت هليا ويا، پر ڊاڪٽر ٽلومل وطن ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن آزاد ٿيو ته سندس باقي جائداد ۽ جايون جڳهون به نه رهيون. اسپتالن وغيره تي قبضا ٿي چڪا هئا. ڊاڪٽرصاحب وري به مستقل مزاجيءَ سان پنهنجي ڳوٺ ”سن“ ۽ حيدرآباد ۾ اچي اسپتالون قائم ڪيون. سندس مددگار سائين جي. ايم. سيد به نظربند ٿي ويو. هن ”-انسان-“ -اخبار- به جاري ڪئي، پر هٿ -تنگ- هئڻ سبب جلد -بند- ٿي وئي. -ايوب خان- جي دور ۾ جڏهن بنيادي جمهوريت (Basic Democracy) وارو قانون آيو ته سن يونين ڪميٽيءَ کي اباڻي جڳهه دان ڪيائين. ڪميٽيءَ -ان- زمين تي آفيس، مارڪيٽ ۽ لائبرري قائم ڪري -ان- تي سندس نالو رکيو. اسپتال کوليائين ته سرڪاري اسپتال ويران رهڻ لڳي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي اسپتال ۾ مريضن جا ميڙا هوندا هئا. اها حالت ڏسي هڪ طرف صحت کاتي وارا ۽ ٻئي طرف پوليس وارا اچي ڊاڪٽر صاحب تي ڏمريا ۽ هڪڙي ڏينهن اسپتال تي چڙهائي ڪري، اسپتال جون سموريون دوائون ٻهاري ويا. بعد ۾ ڊاڪٽر صاحب تي ٻه ڪيس داخل ٿيا، جيڪي ڪجهه وقت کان پوءِ ختم ٿيا، پر هن بهترين ڊاڪٽر ۽ سنڌ جي خدمتگار هڪ ڏينهن هلندڙ گاڏيءَ ۾ 16 -اپريل- 1961ع تي کلندي ڳالهائيندي دم ڏنو ۽ پنهنجن هزارن مداحن کي جدائيءَ جو داغ ڏئي روانو ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1899.03.01  عيسوي

ڊاڪٽر ٽلومل ڌيرواڻي تاريخ 1 مارچ 1899ع تي سن شهر ۾ ٽيڪچند ڌيرواڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو


1961.04.16  عيسوي

ڊاڪٽر ٽلومل ڌيرواڻي 16 اپريل 1961ع تي لاڏاڻو ڪري ويو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بولچند راجپال
بهاءُ الدين بهائي
اديب انقلابي
آغا عبدالحميد خان
ذوالفقار شاهه
بزمي نثار جوڻيجو
دودو
بيگم عبدالله چنا
ارباب کهاوڙ
ايبڪ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون